سنت هرنامداس

سنت هرنامداس: سنت هرنامداس ولد ڦڳڻ مل ماکيجاڻي، 1908ع ڌاري، شهر ڀريا ضلعي نوشهري فيروز ۾ جنم ورتو. سندس جنم جو نالو چانڊو رام هو. هو گهڻو وقت گاهي خان جلباڻي ڳوٺ جي آشرم ۾ گذاريندو هو. ڪراچيءَ ۾ ڪلفٽن تي سواميءَ نند لعل ۽ سوامي چرنداس جو آشرم هو، هن اُتي وڃي ذڪر ورتو ۽ پوءِ ويدانت ۽ شاسترن جو اڀياس ڪيائين. پنهنجي گرو نند لعل جي وفات بعد، ’هرنام پوريءَ‘ نالي پنهنجو آشرم بندر روڊ تي قائم ڪيائين. سنت هرنامداس پڪو صوفي هو ۽ اڪثر مونن ۾ منهن وجهي ويهندو هو. سندس آشرم تي ڀانڊارو جاري هوندو هو. هو اڪثر خاموش رهندو هو هر اٺين ڏينهن ڳالهائيندو هو، ان ڏينهن پريمين جو وڏو تعداد اچي گڏ ٿيندو هو.
سنت هرنامداس 1940ع ۾ وفات ڪئي.


لفظ سنت هرنامداسھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو